حبيب الله خطاط

حبيب الله (خطاط): ٺٽي جو ناليوارو خطاط حبيب الله، سيد عليءَ جو شاگرد هو ۽ خطاطيءَ جي ستن نمونن جو ماهر هو. سندس دستخط سان خطاطيءَ جو 1155هه/1742ع جو ملي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو نسخ - ثلث ۽ نستعليق خط جو ماهر هو. هيءُ سنڌ جو پهريون خطاط آهي، جنهن پنهنجي نالي پٺيان ٺٽويءَ جي نسبت لڳائي. هو پنهنجي همعصر ڪاتبن ۾ وڏي درجي وارو خطاط هو. دادو ضلعي ۾ ڪلهوڙا حاڪمن جي موجود مقبرن تي خطاطيءَ جو ڪم هن خطاط ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو